خيرپور جي سول اسپتال ۾ هڪ شخص علاج دوران فوت ٿي ويو، ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام لڳايو ويو آهي.
ايمرجنسي وارڊ ۾ ۾هڪ شخص تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو آهي.
شهرين جو چوڻ آهي ته رستي تي بيهوشي جي حالت ۾ پيل هڪ شخص کي کڻائي سول اسپتال آندو ويو پر ڊاڪٽرن سندس درست نموني علاج نه ڪيو آهي.
هنن صحت کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.




