KTN News

افغانستان ۾ موجود دهشتگرد تنظيمون پاڪستان جي سلامتي لاءِ مسلسل خطرو آهن: اسحاق ڊار

ڪروشيا جي پرڏيهي وزير سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران اسحاق ڊار چيو ته ڪروشيا جي پرڏيهي وزير ۽ سندس وفد کي پاڪستان آمد تي ڀليڪار چئون ٿا. ڪروشيا جي پرڏيهي وزير جو دورو ٻطرفن لاڳاپن جي واڌاري ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪروشيا وچ ۾ خيرسگالي ۽ باهمي اعتماد تي ٻڌل مضبوط لاڳاپا موجود آهن. ڪروشيا کي پاڪستان جي سيڙپڪاري دوست پاليسين مان فائدو وٺڻ گهرجي.

نائب وزيراعظم جو چوڻ هو ته عالمي برادري کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون، جڏهن ته افغانستان ۾ موجود دهشتگرد تنظيمون پاڪستان جي سلامتي لاءِ مسلسل خطرو آهن. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ، خاص طور تي پاڪستان خلاف، دهشتگرد تنظيمن کي استعمال نه ٿيڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل ڪرڻ ۽ پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ عالمي قانونن ۽ معاهدن جي ڀڃڪڙي آهي.

اسحاق ڊار چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت خطي ۾ امن جي واڌاري لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي آهي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪروشيا جي پرڏيهي وزير چيو ته منهنجو پاڪستان جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. پاڪستان ۽ ڪروشيا جا لاڳاپا باهمي احترام ۽ اعتماد جي بنياد تي قائم آهن.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube