سردار اختر مينگل قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ کين ملندڙ سڀئي مراعتون واپس ورتيون ويون آهن.
سردار اختر مينگل قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ ڏانهن 78 لک 92 هزار رپين جو چيڪ موڪلي ڇڏيو.
سردار اختر مينگل 3 سيپٽمبر 2024 تي اين اي 256 خضدار تان استعيفيٰ ڏني هئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر 11 فيبروري 2026 تي اها استعيفيٰ منظور ڪندي ان کي 3 سيپٽمبر 2024 کان لاڳو قرار ڏنو.
قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ پڻ تصديق ڪئي آهي ته اها رقم چيڪ جي صورت ۾ وصول ڪئي وئي آهي.




