ملتان: (ڇنڇر: 20 سيپٽمبر 2025ع) ملتان جي ڀرسان جلال پور پير والا تي موٽر وي ايم 5 جو هڪ ٻيو وڏو حصو ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويو. چيف پوليس آفيسر ملتان موجب موٽر وي ايم فائيو جو اوڀريون حصو گهارو پوڻ سبب ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويو.
سي پي او ملتان ٻڌايو ته انهي کان پهريان ايم فائيو جو اوڀريون حصو ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويو هو موٽر وي پوليس ۽ اين ايڇ اي جو عملو مشينري سان گڏ موقعي تي موجود آهي.
هن ٻڌايو ته موٽر وي تي ستلج درياءَ جو پاڻي تيز وهڪرن سان چناب درياءَ طرف وڌي رهيو آهي. پاڻي جو وهڪرو گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گهاري واري هنڌ تي پٿر وڌا پيا وڃن، ملتان کان جهانگڙه تائين 8هين ڏينهن به موٽروي بند آهي.
ترجمان موٽر وي پوليس جو انهي حوالي سان چوڻ آهي ته موٽر وي ايم 6 ٻوڏ سبب بند آهي. ملتان کان سکر ويندڙ متبادل رستي تان سفر ڪري سگهن ٿا. موٽروي پوليس موجب ٽريفڪ شاهه شمس انٽرچينج تان قومي شاهراهه طرف وڃي سگهي ٿي. اوچ شريف انٽرچينج کان ٻيهر موٽروي ايم 5 تي سفر ڪري سگهجي ٿو.
موٽروي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته سکر کان ملتان ايم 5 اوچ شريف انٽرچينج قومي شاهراهه تي سفر ڪري سگهجي ٿو. شير شاهه انٽرچينج تان ٻيهر موٽروي ايم 5 کي جوائن ڪري سگهجي ٿو.




