KTN News

ڪراچي ۾ ٽن معصوم ڀينرن سان مبينا زيادتي جو واقعو، پيءُ گرفتار.

ڪراچي: لياري جي علائقي ڪالاڪوٽ ۾ نينگرين سان مبينا زيادتي جو واقعو سامهون آيو آهي.

پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه موجب ٽن نينگرين کي گذريل رات اسپتال آندو ويو هو، جن جون عمريون 7 سال، 5 سال ۽ اڍائي سال آهن.

ڊاڪٽر سميه چيو ته حتمي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ ۾ 2 کان 3 ڏينهن لڳندا.

ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارن جي ماءُ، نينگرين جي پيءُ تي مبينا زيادتي جو شڪ ظاهر ڪيو هو، جنهن جي بنياد تي پيءُ کي گذريل ڏينهن حراست ۾ ورتو ويو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube