KTN News

ڀارت جو رويو بين الاقوامي نظام لاءِ خطري وارو مثال آهي: حنا رباني کھر

اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کھر چيو آهي ته ڀارت جو رويو نه رڳو پاڪستان پر، پر پوري بين الاقوامي نظام لاءِ هڪ خطري واري مثال آهي.

سنڌ طاس معاهدي تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي حنا رباني کھر چيو ته جيڪڏهن ڀارتي رويي جو نوٽس نه ورتو ويو ته اڄ پاڪستان متاثر ٿيندو، ۽ سڀاڻي ٻيا پاڙيسري ملڪ به متاثر ٿي سگهن ٿا.

هن چيو ته هي صرف پاڪستان جو مسئلو ناهي، بلڪه پوري بين الاقوامي نظام لاءِ هڪ خطرناڪ مثال آهي. مستقل ثالثي عدالت واضح ڪري چڪي آهي ته ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل يا ختم ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي.

هنن چيو ته ڀارت عالمي نظام ۾ اصول ٺاهڻ وارو ملڪ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل سيٽ حاصل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو، جيڪو پاڻ کي عالمي قانونن جو محافظ سڏائڻ چاهي ٿو، اهو ئي ملڪ اڄ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ بڻجي چڪو آهي.

حنا رباني کھر وڌيڪ چيو ته ڪو ملڪ ڪيئن کليل طور تي هڪ پوري تهذيب کي ختم ڪرڻ جا ارادا ظاهر ڪري سگهي ٿو؟ سنڌ طاس معاهدي ۾ واضح آهي ته معاهدي جي شقن ۾ تبديلي ٻنهي ملڪن جي رضامندي سان ئي ممڪن آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube