KTN News

سون جي قيمت ۾ 5,200 رپين جي گهٽتائي

پاڪستان ۾ سون جي قيمت ۾ 5,200 رپيا في توله جي وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان صرافه ايسوسيئيشن موجب، 24 قيراط في توله سونو 5,200 رپيا سستو ٿيڻ بعد 4 لک 19 هزار 636 رپين تي اچي ويو آهي، جڏهن ته 10 گرام سوني جي قيمت ۾ 4,458 رپيا گهٽتائي ٿي ۽ قيمت 3 لک 59 هزار 770 رپيا ٿي وئي آهي.

عالمي منڊي ۾ به سونو 52 ڊالر سستو ٿي في اونس 3,972 ڊالر تي اچي ويو آهي.

في توله چاندي جي قيمت 107 رپيا گهٽجي 6,242 رپيا ٿي وئي آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube