سنڌ طاس معاهدي جي ڪمشنر سيد مهر علي شاهه چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي بابت سياسي ڳالهين جي ڪا به گنجائش ناهي، ۽ اهو معاهدو اڄ به مڪمل طور تي لاڳو آهي.
اسلام آباد ۾ سنڌ طاس معاهدي جي موضوع تي منعقد ٿيل بين الاقوامي سيمينار کي خطاب ڪندي سيد مهر علي شاهه چيو ته سنڌ طاس معاهدو معطل نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻتہ اهو سياسي نه، پر قانوني ۽ فني نوعيت جو معاهدو آهي.
سيد مهر علي شاهه چيو ته ڀارت هڪ طرفي طور تي سنڌ طاس معاهدو معطل نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اهو معاهدو ٻن ايٽمي طاقتن وچ ۾ امن جو بنياد آهي، جنهن بابت سياسي ڳالهين يا هڪ طرفن قدمن جي ڪا به گنجائش ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان جي زراعت، خوراڪ جي تحفظ ۽ معيشت سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهي، ۽ اهو 24 ڪروڙ پاڪستانين جي زندگين سان جڙيل معاملو آهي. پاڪستان پنهنجي حصي ۾ ايندڙ پاڻي جي هر ڦڙي جي حفاظت ڪندو ۽ پنهنجي قانوني حق تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ يا جبر قبول نه ڪندو.
سنڌ طاس معاهدي جي ڪمشنر چيو ته عالمي ثالثي عدالت واضح طور تي قرار ڏئي چڪي آهي ته ڀارت نه ته سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ختم ڪري سگهي ٿو. عدالت اها به هدايت ڪئي آهي ته ڀارت اولهه وارن دريائن جي قدرتي وهڪري ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ يا خلل پيدا نه ڪري، ڇوتہ اهڙو عمل معاهدي جي روح ۽ ان جي شرطن جي خلاف هوندو.
هن چيو ته ڀارت پاران معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل ڪرڻ جو اعلان بين الاقوامي معاهدن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت آگسٽ 2023 کان سنڌ طاس معاهدي تحت پنهنجي ڪجهه ذميوارين تي عمل نٿو ڪري، جيڪو نه رڳو معاهدي، پر بين الاقوامي قانونن ۽ رياستي ذميوارين جي به ڀڃڪڙي آهي.




