KTN News

عوامي ايڪشن ڪاميٽي جي وچ ۾ ٿيل معاهدي جو اعلان ٿي ويو.

آزاد ڪشمير جي گاديءَ واري هنڌ مظفرآباد ۾ وفاقي وزيرن جي ڪاميٽي ۽ عوامي ايڪشن ڪاميٽي جي وچ ۾ ٿيل معاهدي جو اعلان ٿي ويو.

معاهدي تحت پُرتشدد واقعن سبب فوت ٿيندڙ ماڻهن بابت دهشتگردي خلاف قانون تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا، جڏهن⁠ ته شهيدن جي وارثن ۽ زخمين کي معاوضو ڏنو ويندو.

معاهدي موجب 30 ڏينهن اندر مظفرآباد ۽ پونڇ ڊويزن ۾ ٻه اضافي سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ قائم ڪيا ويندا.

موجوده لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ کي 90 ڏينهن ۾ عدالتي فيصلي ۽ اصل صورت مطابق ڪيو ويندو.

آزاد ڪشمير حڪومت 15 ڏينهن اندر صحت ڪارڊ لاءِ فنڊ جاري ڪندي.

بجليءَ جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ پاڪستان حڪومت 10 ارب رپيا فراهم ڪندي.

وفاقي وزيرن جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير عوامي ايڪشن ڪاميٽي سان اصولي معاهدو ٿي ويو آهي.

معاهدي موجب آزاد ڪشمير ڪابينا جو انگ گهٽائي 20 وزيرن ۽ مشيرن تائين محدود ڪيو ويندو، جڏهن⁠ ته سول ڊفينس جا کاتا ايس ڊي ايم اي ۾ ضم ڪيا ويندا.

معاهدي مطابق احتساب بيورو ۽ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کي پڻ ضم ڪيو ويندو ۽ آزاد ڪشمير جو احتساب ايڪٽ پاڪستان جي نيب قانونن مطابق بڻايو ويندو.

معاهدي ۾ اهو به طئي ٿيو آهي ته پاڪستان حڪومت آزاد ڪشمير ۾ ٻن سرنگهن جي فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪندي ۽ منصوبو پي سي ون جي تحت سعودي ڊولپمينٽ فنڊ ۾ ترجيح حاصل ڪندو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube