KTN News

خضدار ۾ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪارروائي دوران “فتنه الهندوستان” سان لاڳاپيل 14 دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪارروائي دوران “فتنه الهندوستان” سان لاڳاپيل 14 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن⁠ ته 20 کان وڌيڪ دهشتگرد زخمي ٿي پيا.

سيڪيورٽي ذريعن موجب آپريشن خضدار جي علائقي زھري ۾ ڪيو ويو، جتي دهشتگردن جي موجودگيءَ بابت پڪي معلومات ملي هئي. ڪارروائي دوران دهشتگردن سان سخت مقابلو ٿيو.

علائقي واسين سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن کي ساراهيندي چيو آهي ته فورسز دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سرگرم عمل آهن.

سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته عوام جي سهڪار سان “فتنه الهندوستان” جهڙن دهشتگرد گروپن کي مڪمل طور ختم ڪري امن قائم رکيو ويندو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube