آمريڪي حملن جي جواب ۾ ايران جي پاسدارانِ انقلاب خليجي علائقي ۾ موجود آمريڪي فوجي تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ساڳئي وقت هڪ ڀيرو ٻيهر آبنائي هرمز بند ڪرڻ جي دعويٰ پڻ سامهون آئي آهي.
آمريڪي حملن کان پوءِ ايران دعويٰ ڪئي آهي ته بحرين ۾ واقع شيخ عيسيٰ ايئربيس کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ڪويت ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن تي پڻ حملا ڪيا ويا. اردن جي پرنس حسن ايئربيس تي ايندھن جا ٽينڪ ۽ هٿيارن جا گودام پڻ نشاني تي آيا.
ايراني پاسدارانِ انقلاب جي ترجمان موجب، ڪويت ۾ تازي ڊرون حملي دوران آمريڪي راڪيٽ لانچر سسٽم کي نشانو بڻايو ويو. ٻئي طرف ڪويتي فوج جو چوڻ آهي ته ڪويت آئل ڪمپني جي ڊرلنگ پليٽ فارم تي ڊرون حملو ٿيو.
ڪويتي فوج جي ترجمان موجب، حملي سبب پليٽ فارم کي نقصان پهتو، هڪ ملازم زخمي ٿيو، جڏهن ته ٽي سرحدي چوڪيون پڻ حملن جي زد ۾ آيون.




