ايران جي شهرن بندرعباس، شيراز ۽ بوشهر مان ٻيهر ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ جون خبرون سامهون آيون آهن.
ايراني ميڊيا موجب بندرعباس شهر ۾ هوائي دفاعي نظام کي فعال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بندرعباس جي سامونڊي حدن ۾ به ڪيترائي ڌماڪا ٻڌا ويا آهن.
ايراني خبرون ڏيندڙ ادارن بوشهر جي مقامي رهواسين جي حوالي سان پڻ ٻڌايو آهي ته شهر ۾ ٻه ڌماڪا ٻڌا ويا آهن. بهرحال، انهن ڌماڪن جي هنڌ بابت اڃا تائين ڪا سرڪاري رپورٽ جاري نه ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته آمريڪا خميس جي صبح هن صوبي جي مختلف هنڌن کي نشانو بڻايو هو. ان کان اڳ خبرون هيون ته بوشهر پاور پلانٽ تي هڪ ميزائل ڪري پيو آهي، پر بوشهر جي گورنر ان خبر جي ترديد ڪئي هئي.
ٻئي طرف، ايران جي ڏاکڻن علائقن تي آمريڪا جي سڄي رات جاري رهندڙ حملن جي جواب ۾، ايران آمريڪي هدفن خلاف حملن جي هڪ نئين لهر شروع ڪري ڇڏي آهي.
خبرون ڏيندڙ اداري موجب، پاسدارانِ انقلاب ميزائل حملا ڪندي ڪويت ۾ ڪيترن ئي هدفن کي نشانو بڻايو آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اردن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن تي پڻ ميزائل حملا ڪيا ويا آهن.




