پاڪستان ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهن ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان صرافه ايسوسيئيشن موجب 24 ڪيريٽ في تولو سون 2,500 رپيا سستو ٿي 434,936 رپين جو ٿي ويو، جڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت 2,143 رپيا گهٽجي 372,887 رپيا ٿي وئي.
في تولو چاندي جي قيمت به 120 رپيا گهٽجي 6,559 رپيا ٿي وئي. ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ سون 25 ڊالر في اونس سستو ٿي 4,125 ڊالر في اونس تي اچي ويو.




