شام جي گادي واري شهر دمشق ۾ زور دار ڌماڪي جو آواز ٻڌو ويو، جنهن کان پوءِ سيڪيورٽي ادارن علائقي ۾ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
برطانوي خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز موجب ڌماڪا فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي رهائشگاهه جي ويجهو ٿيا. فرانسيسي صدر هن وقت شام جي دوري تي موجود آهي.
شروعاتي اطلاعن موجب ڌماڪن جي نوعيت يا سبب بابت فوري طور ڪا ڄاڻ سامهون نه اچي سگهي آهي، جڏهن ته ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اڃا تائين تصديق نه ٿي آهي.




