KTN News

چين طرفان بحرالڪاهل ۾ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل جو ڪامياب تجربو

چين بحرالڪاهل ۾ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي.

رپورٽن موجب ميزائل کي هڪ آبدوز مان فائر ڪيو ويو، جنهن پنهنجي هدف کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو. چيني اختيارين جو چوڻ آهي ته هي تجربو رٿابندي مطابق مڪمل ڪيو ويو ۽ سڀئي ٽيڪنيڪي هدف حاصل ڪيا ويا.

چيني ميڊيا موجب ميزائل جي تجربي کان اڳ چين آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ جاپان کي اڳواٽ اطلاع به ڏنو هو، ته جيئن علائقي ۾ هوائي ۽ بحري سرگرمين بابت ضروري احتياطي قدم کنيا وڃن.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube