KTN News

واٽس ايپ جو نئون ‘يوزر نيم’ فيچر متعارف، نمبر شيئر ڪرڻ کانسواءِ رابطو ممڪن ٿيندو

واٽس ايپ صارفين جي پرائيويسي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ نئون “يوزر نيم” فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ذريعي هاڻي صارف پنهنجو موبائل نمبر شيئر ڪرڻ کانسواءِ هڪ ٻئي سان رابطو ڪري سگهندا.

هن نئين فيچر تحت هر صارف هڪ منفرد يوزر نيم چونڊي سگهندو، جيڪو ٻين سان شيئر ڪري چيٽ ڪري سگهجي ٿي. اهڙي طرح سامهون واري شخص کي صارف جو ذاتي فون نمبر نظر نه ايندو، جنهن سان پرائيويسي ۾ نمايان اضافو ٿيندو.

واٽس ايپ موجب، جيڪڏهن ڪنهن صارف وٽ رڳو توهان جو يوزر نيم هوندو ته هو توهان کي واٽس ايپ تي پيغام موڪلي سگهندو، پر توهان جي موبائل نمبر کانسواءِ سڌي فون ڪال يا روايتي ايس ايم ايس نه ڪري سگهندو. هي سهولت خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ فائديمند هوندي، جيڪي ڪاروباري يا عارضي رابطن دوران پنهنجو ذاتي نمبر ظاهر ڪرڻ نٿا چاهين.

ڪمپني ٻڌايو آهي ته يوزر نيم وڌ ۾ وڌ 35 اکرن تي مشتمل هوندو، جڏهن ته صارف ضرورت موجب ان کي ڪنهن به وقت تبديل يا حذف به ڪري سگهندا. البت، واٽس ايپ اڪائونٽ ٺاهڻ ۽ ان جي تصديق لاءِ موبائل نمبر جي شرط برقرار رهندي.

جعلي سڃاڻپ ۽ مشهور شخصيتن جي نالن جي غلط استعمال کان بچاءَ لاءِ معروف شخصيتن، سرڪاري عهديدارن ۽ ٻين نمايان نالن کي عام صارفين لاءِ دستياب نه رکيو ويندو. ان کان علاوه، واٽس ايپ يوزر نيم جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ حفاظتي نظام پڻ متعارف ڪرائي رهيو آهي، جنهن ۾ مشڪوڪ سرگرمين جي سڃاڻپ ۽ شڪايت داخل ڪرائڻ جي سهولت شامل هوندي.

واٽس ايپ موجب، هي فيچر هلندڙ هفتي کان مرحليوار صارفين لاءِ جاري ڪيو پيو وڃي ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن دوران دنيا ڀر جي لڳ ڀڳ ٽي ارب صارفين تائين پهچي ويندو. هن فيچر مان فائدو وٺڻ لاءِ صارفين کي واٽس ايپ جو جديد ورزن استعمال ڪرڻو پوندو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube