KTN News

ڪراچي جو يونيورسٽي روڊ ڪڏهن ٺهندو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ تاريخ گهري ورتي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بي آر ٽي ريڊ لائن لاٽ 2 آفيس کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سائيٽ تي 6،6 ٺيڪيدار گهمي رهيا آهن. اهو معلوم ناهي ته ٺيڪو ڪنهن کي ڏنو پيو وڃي.

ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته بي آر ٽي ريڊ لائن لاٽ 2 جو ٺيڪو نوٽيس جي مدت ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن ٻئي کي ڏنو ويندو. هن وقت لاٽ 2 تي ڊرينيج ۽ روڊ جي بحالي جو ڪم ڏنو ويو آهي.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ميڊيا، ميئر ڪراچي ۽ وزير چئي رهيا آهن ته ٺيڪو ختم ڪيو ويو آهي، ايف ڊبليو کي به آندو ويو آهي.

جسٽس نثار احمد ڀنڀرو ريمارڪس ڏنا ته يونيورسٽي روڊ شهر جي مکيه روڊ آهي. شهري مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن هي ٺيڪو ڪٿي ٻئي هنڌ ڏنو وڃي ها ته ڪڏهن ختم ٿئي ها؟

درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته بي آر ٽي ريڊ لائن جا 16 اسٽيشن ٺاهڻا هئا، پر اڃا تائين صرف هڪ اسٽيشن جو ڊيزائن مليو آهي.

ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته سي اي او ٽرانس ڪراچي موجب ريڊ لائين منصوبو 2028 ۾ مڪمل ٿيندو، جنهن تي عدالت تجويز ڏني ته هڪ ڪميشن جوڙي وڃي ته جيئن دير جو سبب معلوم ڪري سگهجي.

عدالت چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ايندڙ ٻڌڻي تي ٻڌائي ته يونيورسٽي روڊ ڪڏهن مڪمل ٿيندو.

جنهن کان پوءِ ٻڌڻي 4 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube