KTN News

تهران: سپريم ليڊر شهيد آيت الله علي خامنه اي جو آخري پيغام جاري

تهران: ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي شهادت کان پوءِ سرڪاري سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان هڪ خاص پيغام جاري ڪيو ويو آهي.

ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي سرڪاري اڪائونٽ تان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي هڪ يادگار تصوير شيئر ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڪيپشن “الله جي نالي سان، جيڪو تمام گهڻو مهربان ۽ رحم ڪندڙ آهي.”

پوسٽ ۾ سورة الاحزاب جي آيت 23 جو پڻ حوالو ڏنو ويو آهي، جنهن جو ترجمو آهي، “مؤمنن ۾ اهڙا مرد آهن جن الله سان پنهنجو عهد پورو ڪيو، پوءِ انهن مان اهڙا آهن جن پنهنجي نذر پوري ڪئي، ۽ انهن مان اهڙا آهن جيڪي انتظار ڪري رهيا آهن، ۽ انهن (پنهنجي عزم ۾) ذري به تبديلي نه ڪئي آهي.”

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube