سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ پاڪستان جي توانائي شعبي جو بنياد آهي، پر گئس جي کوٽ صنعتن لاءِ وڏو چئلينج آهي.
ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ملڪ جو مالي مرڪز آهي، برآمدات ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پرعزم آهي.
وڏي وزير چيو ته سنڌ پاڪستان جي توانائيءَ جي شعبي جو بنياد آهي ۽ ملڪ جي قدرتي گيس جو لڳ ڀڳ 65 سيڪڙو حصو سنڌ پيدا ڪري ٿي، ان باوجود گيس جي کوٽ سبب صوبي جي صنعتي پيداوار متاثر ٿي رهي آهي۔
وڏي وزير منهنجو ڪراچي، ٻڌيءَ جو مرڪز” جي عنوان سان منعقد نمائش کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت صنعتن لاءِ منصفاڻي ۽ مستقل توانائي فراهم ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون جاري رکندي، جيئن صنعتي سرگرمين کي هٿي ملي سگهي۔
وڏي وزير چيو ته هي نمائش ڪاروبار، ثقافت ۽ ڪميونٽي جي حوالي سان هڪ اهم تقريب بڻجي چڪي آهي، جيڪا ڪراچي جي حقيقي سڃاڻپ کي اجاگر ڪري ٿي۔
هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جو مالي ۽ واپاري مرڪز آهي، جتي ملڪ جي مجموعي پيداوار جو 25 سيڪڙو ۽ سنڌ جي معيشت جو لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو حصو پيدا ٿئي ٿو.
مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم شهر جي واپاري اهميت کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿا، جنهن سبب قومي معيشت ۾ ڪراچي جو ڪردار انتهائي اهم آهي……………….




