KTN News

آسٽريليا جي ڪرڪيٽر فلپ هيوز جي بال لڳڻ سبب فوت ٿيڻ کي 11 سال گذري ويا آهن.

ڪرڪيٽ جي دنيا اهو ڏکوئيندڙ لمحو نه وساريو آهي جڏهن 11 سال اڳ، آسٽريليا جو رانديگر فلپ هيوز زمين تي بال لڳڻ سان زخمي ٿي پيو هو ۽ ڪجهه ڏينهن بعد پنهنجي زندگي وڃائي ويٺو.

27 نومبر 2014 تي، سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ تي نيو سائوٿ ويلز ۽ سائوٿ آسٽريليا جي وچ ۾ شيفيلڊ شيلڊ ميچ هلي رهيو هو. فلپ هيوز 63 رنسن تي بيٽنگ ڪري رهيو هو جڏهن سائوٿ آسٽريليا جي بالر شان ايبٽ جو هڪ باؤنسر سندس ڳچيءَ جي پوئين حصي ۾ لڳو.

بال لڳڻ سان ئي هيوز زمين تي ڪري پيو. کيس فوري طور تي اسپتال پهچايو ويو، پر زخم ايترو شديد هو جو هو 27 نومبر 2014 تي صرف 25 سالن جي عمر ۾ ٻٽي دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو. هن 26 ٽيسٽ، 25 ون ڊي ۽ هڪ ٽي 20 ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي.

فلپ هيوز جي موت کان پوءِ، جديد هيلمٽ ڊيزائن، ڳچيءَ جي حفاظت لاءِ نيٽ گارڊ ۽ ميدان تي طبي ردعمل کي بهتر بڻايو ويو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube