افغانستان جو اڳوڻو انٽرنيشنل فاسٽ بالر شاپور زدران ڊگهي بيماري کان پوءِ 38 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب شاپور زدران پنهنجي 39هين سالگرهه کان هڪ ڏينهن اڳ، 7 جولاءِ تي ڀارت جي شهر نئين دهلي ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
6 فوٽن کان وڌيڪ قد رکندڙ شاپور زدران پنهنجي جارحاڻي بالنگ، ڊگهن ۽ لهرائيندڙ وارن جي ڪري تمام گهڻو مشهور هو.
هو افغانستان ڪرڪيٽ جي شروعاتي عروج واري دور ۾ هڪ اهم بالر سمجهيو ويندو هو.
مهاجر جي حيثيت سان پاڪستان جي شهر پشاور ۾ رهندڙ شاپور زدران پنهنجي شروعاتي ڪرڪيٽ به پشاور مان شروع ڪئي. سندس شروعاتي ساٿي رانديگرن ۾ مشهور انٽرنيشنل ڪرڪيٽر محمد نبي، اصغر ۽ دولت زدران پڻ شامل هئا.
هن 2009ع کان 2020ع جي وچ ۾ 44 ون ڊي ۽ 36 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ افغانستان جي نمائندگي ڪئي.




