KTN News

چين: ٽرين حادثي ۾ 11 ريلوي مزدور فوت

جنوب مغربي چين ۾ ٽرين جي ٽڪر ۾ 11 ريلوي ڪم ڪندڙ هلاک ٿي ويا۔

مقامي ميڊيا موجب ڪُنمنگ لي ويانگ اسٽيشن تي مزدور زلزلي جي جانچ ڪرڻ واري ٽرين جي زد ۾ اچي ويا۔

مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته مزدور اسٽيشن تي تعميراتي ڪم ۾ مصروف هئا، جڏهن ٽرين انهن کي ٽڪر هنئي۔

مقامي ميڊيا مطابق حادثي کان پوءِ ٽريڪ کي بحال ڪيو ويو، جڏهن⁠تہ واقعي جي تحقيقات جاري آهن

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube