KTN News

گڏيل قومن پاران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تي ڳڻتي جو اظهار

دهشتگردي جي خاتمي جي نالي تي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙيون جاري آهن. گڏيل قومن جي هڪ خاص رپورٽ ۾ ڀارتي ڪاررواين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.

گڏيل قومن هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت جو خوني چهرو بي نقاب ڪيو آهي. ان دهشتگردي جي خاتمي جي نالي تي ڪشميرين جي قتل عام تي هڪ جاچ رپورٽ جاري ڪئي آهي.

گڏيل قومن جي رپورٽ موجب، پهلگام واقعي کان پوءِ، ڀارتي فورسز صحافين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن سميت 2,800 ماڻهن کي گرفتار ڪيو. قيدين تي تشدد ڪيو ويو، وڪيلن ۽ خاندانن کي انهن سان ملڻ جي اجازت نه ڏني وئي، درجنين ڪشميرين کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو. ڪيترائي گهر ڊاهيا ويا.

گجرات ۽ آسام ۾ هزارين مسلمان گهر، مسجدون ۽ ڪاروبار تباهه ڪيا ويا، ۽ 1,900 مسلمانن کي پرڏيهي قرار ڏنو ويو ۽ زبردستي بنگلاديش ۽ ميانمار موڪليو ويو. رپورٽ ۾ ماورائي عدالت قتل ۽ مسلمانن خلاف امتياز جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube