KTN News

پاڪستان ڏکڻ آفريقا خلاف ٽيون ٽي ٽوئنٽي کٽي، سيريز 1-2 سان پنهنجي نالي ڪري ورتي۔

پاڪستان ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ ڏکڻ آفريقا کي 4 وڪيٽن سان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي۔

گرين شرٽس ڏکڻ آفريقا جو 140 رنسن جو هدف 19هين اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو ۽ سيريز 1-2 سان کٽي ورتي۔

لاهور ۾ کيليل ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان سلمان علي آغا ٽاس کٽي مهمان ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني۔

ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ميچ جي شروعات کان ئي مشڪلاتن ۾ هئي، پهرين اوور ۾ ئي شاهين آفريدي ٻه رانديگر آئوٽ ڪيا۔ آفريقي بيٽر ريزا هينڊرڪس، ڪوربن بوش ۽ فريرا مزاحمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پروٽيز جون وڪيٽون لڳاتار ڪري پيون۔

ڏکڻ آفريقا مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 139 رنس ٺاهيا۔ ريزا هينڊرڪس 34 ۽ ڪوربن بوش 30 رنس سان نمايان رهيا۔

شاهين آفريدي 3، فهيم اشرف ۽ نون آيل رانديگر عثمان طارق ٻن، ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو۔

ڏکڻ آفريقا جي 140 رنسن جي هدف جي پويان لڳندي گرين شرٽس جي طرفان صاحبزاده فرحان ۽ صائم ايوب مايوس ڪندڙ شروعات ڪئي، جتي صائم ايوب بغير ڪو رن ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيو۔ صاحبزاده فرحان 19 رنس ٺاهي پويليون ڏانهن موٽي ويو۔ ان کان پوءِ بابر اعظم ۽ سلمان آغا ذميوارانه اننگز کيڏي، پر سلمان آغا 33 رنس ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو، جڏهن ته بابر اعظم 68 رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو۔

پاڪستان 19 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 140 رنسن جو هدف حاصل ڪري، 4 وڪيٽن سان ميچ ۽ سيريز ٻنهي ۾ فتح حاصل ڪئي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube