KTN News

روسي صدر ايٽمي ڪروز ميزائل جي ڪامياب تجربو ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي۔

روسي صدر ايٽمي ڪروز ميزائل “بوريئوستنڪ” جي ڪامياب تجربو ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي۔

روسي صدر پيوٽن جو چوڻ آهي ته ميزائل سڀني دفاعي نظامن کي چڪمو ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جلد ئي هي ايٽمي ميزائل روسي فوج حوالي ڪيو ويندو۔

آچر، 26 آڪٽوبر 2025 تي روسي صدارتي پريس آفيس پاران جاري ڪيل وڊيو مان ٺهيل هن تصوير ۾، روسي صدر ولاديمير پيوٽن جوائنٽ گروپ آف فورسز جي ڪمانڊ پوسٽن مان هڪ جو دورو ڪندي ڳالهائي رهيو آهي.

ٻئي پاسي روسي فوج جي سربراهه جو چوڻ آهي ته ميزائل 15 ڪلاڪ فضا ۾ رهيو ۽ 14 هزار ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪيو، ڪروز ميزائل بوريئوستنڪ جو تجربو 21 آڪٽوبر تي ڪيو ويو هو۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube