سربراهِ پاڪ بحريه ايڊمرل نويد اشرف جو چوڻ آهي ته سرڪريك کان جيواني تائين اسان پنهنجي خودمختياري ۽ سامونڊي حدن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا۔
آءِ ايس پي آر مطابق، سربراهِ پاڪ بحريه ايڊمرل نويد اشرف ڪريڪس علائقي ۾ اڳين مورچن جو دورو ڪيو ۽ آپريشنل تيارين ۽ جنگي صلاحيتن جو جائزو ورتو۔
آءِ ايس پي آر موجب، سربراهِ پاڪ بحريه جي دوري جي موقعي تي پاڪ ميرينز ۾ جديد ترين 2400 ٽي ڊي هوورڪرافٽس جا ٽي يونٽ باقاعدي طور شامل ڪيا ويا۔ هوورڪرافٽس جي شموليت پاڪ بحريه جي آپريشنل صلاحيتن ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي۔
آءِ ايس پي آر مطابق، نون شامل ڪيل هوورڪرافٽس ۾ هڪ ئي وقت مختلف زميني ۽ آبي سطحن تي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي۔ اهي خشڪي ۽ سمنڊ ٻنهي تي گڏوگڏ ڪارروائي ڪرڻ جي منفرد صلاحيت رکن ٿا۔ هوورڪرافٽس پاڪ ميرينز کي پنهنجن فرضن جي انجامدهي ۾ نمايان برتري فراهم ڪندا ۽ دشمن خلاف فيصلوڪن ۽ مؤثر ردِعمل جي صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا۔
ان موقعي تي سربراهِ پاڪ بحريه ايڊمرل نويد اشرف آفيسرن ۽ جوانن سان خطاب ڪندي چيو ته نون پليٽ فارمن جي شموليت پاڪ بحريه کي جديد ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ واري وژن جي تجديد آهي، هي ملڪ جي سامونڊي ۽ ساحلي دفاع جي عزم جي به تجديد آهي۔
سربراهِ پاڪ بحريه جو چوڻ هو ته سرڪريك کان جيواني تائين پنهنجي خودمختياري ۽ سامونڊي حدن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا، پاڪ بحريه جون دفاعي صلاحيتون ساحل کان سمنڊ تائين بلند حوصلي وانگر مضبوط ۽ مستحڪم آهن۔
هن وڌيڪ چيو ته پاڪ بحريه بحرِ هند ۾ امن ۽ استحڪام جي ضامن آهي ۽ علائقائي سامونڊي سلامتي جي هڪ اهم ڀاڱيدار آهي، اسان ڄاڻون ٿا ته پنهنجي خودمختياري ۽ سامونڊي سرحدن جي هر هر انچ جو دفاع ڪيئن ڪرڻو آهي۔




