KTN News

پنڊي ٽيسٽ ۾ بالرن کان پوءِ بيٽر به ناڪام، پاڪستان کي ڏکڻ آفريڪا هٿان

راولپنڊي ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻئي ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن پاڪستان ٽيم 138 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، جنهن بعد ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ۽ ٽيسٽ سيريز هڪ-هڪ جي برابر ٿي وئي۔

پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل هن ميچ ۾ بابر اعظم ۽ محمد رضوان اننگز جي شروعات ڪئي، بابر اعظم نيم سنچري مڪمل ڪرڻ بعد ڏينهن جي پهرئين اوور ۾ ئي آئوٽ ٿي ويو۔ محمد رضوان به ڊگهو نه رکي سگهيو ۽ 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو۔

اننگز جي آخري لمحن ۾ سلمان علي آغا 28 ۽ ساجد خان 13 رنسون ٺاهي پاڪستان جو اسڪور 138 تائين پهچايو، جنهن بعد ڏکڻ آفريڪا کي صرف 68 رنسن جو هدف مليو۔

قومي ٽيم جي رانديگرن جي ڪارڪردگي اڄ به مايوس ڪندڙ رهي، پاڪستان جا 6 رانديگر ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿي سگهيا۔ بابر اعظم 50 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن⁠تہ سلمان علي آغا 28، محمد رضوان 18، سعود شڪيل 11 ۽ ساجد خان 13 رنسون ٺاهي سگهيا۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube