KTN News

ملڪ ۾ پيٽروليم شيون جي ڪا به کوٽ ناهي، اوگرا۔

اسلام آباد: آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي مطابق ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي ڪا به کوٽ ناهي۔

اوگرا جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ درآمد ڪيل پيٽروليم شين جي ڪليئرنس ۾ دير ٿي هئي، پر هاڻي ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي فراهمي جي صورتحال معمول مطابق آهي۔

ترجمان موجب، اڄ به ٻن ڪمپنين جا پيٽرول ۽ ڊيزل وارا ٻه جهاز ڪليئر ڪيا ويا آهن۔

ٻئي پاسي، سنڌ حڪومت طرفان اوچتو انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (cess) تحت 100 سيڪڙو بينڪ گارنٽي جي شرط ٻيهر لاڳو ڪرڻ کانپوءِ، پيٽروليم ڪارگو بندرگاهن تي ڦاسي پيا آهن، جنهن سبب ملڪ ۾ ايندھن جي بحران جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube