KTN News

اسرائيل جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي غزه ۾ امداد جو داخلا روڪي ڇڏيو

غزه: اسرائيلي فوج جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي غزه ۾ امداد جي داخلا تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي.

اسرائيلي ميڊيا مطابق حڪومت، اسرائيلي فوج کي حڪم ڏنو آهي ته هو غزه ۾ امداد جي داخلا تي اگلا حڪم ملڻ تائين پابندي برقرار رکي.

اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هي پابندي حماس طرفان جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي سبب لڳائي وئي آهي.

ان کان اڳ، اسرائيلي فوج غزه جي مختلف علائقن تي ڀيانڪ فضائي حملا ڪيا، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ماڻهو شهيد ٿي ويا.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube