افغانستان طرفان پاڪستان تي جارحيت کان پوءِ بارڊر بند ٿيڻ سبب 422 ڪنٽينر سرحد پار نه ڪري سگھيا.
بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪراچيءَ کان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جا 422 ڪنٽينر اڃا تائين موجود آهن.
اهي ڪنٽينر پاڪستان تي افغان جارحيت سبب بارڊر بند ٿيڻ جي ڪري اڃا تائين سرحد پار نه ڪري سگھيا آهن.
افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي عملدارن مطابق ڪراچيءَ کان روزانو 50 کان 60 ڪنٽينر افغان ٽرانزٽ ٽريڊ لاءِ روانو ٿين ٿا، جيڪي چمن سان لڳندڙ افغان سرحد پار ڪن ٿا، پر افغانستان جي پاڪستان تي جارحيت بعد گذريل هڪ هفتي کان هي سلسلو بند ٿي ويو آهي.
عملدارن مطابق ان دوران ڪراچيءَ مان نڪتل 422 ڪنٽينر رستي ۾ ڦاٿل آهن، جن مان حب، خضدار ۽ قلات ۾ 114، پشين چمن روٽ جي يارو هنڌ تي 17، چمن هالٽ تي 217 ۽ اين ايل سي چمن يارڊ ۾ افغان ٽريڊ جا 74 ڪنٽينر موجود آهن، جيڪي تڪرار سبب اڃا تائين افغانستان نه موڪليا ويا آهن.
عملدارن مطابق ڪراچيءَ مان وڌيڪ ڪنٽينرن جي روانگي عارضي طور روڪيو ويو آهي، ۽ حالتن جي سڌرڻ بعد هي سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويندو.




