KTN News

اسرائيل جي طرفان جنگبندي جي ڀڃڪڙي، رفح ۾ فضائي ۽ زميني حملي ۾ شهيديون

اسرائيل غزہ امن منصوبي تحت جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪندي رفح جي علائقي ۾ فضائي حملو ڪيو آهي، جڏهن ته ٻين علائقن ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ سبب وڌيڪ پنج فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن۔

عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب، اسرائيلي فوجن اتوار ڏينهن غزہ تي فضائي ۽ زميني حملا ڪيا، جنهن ۾ ٻه فلسطيني شهيد ٿيا، ان کان علاوه وچولي غزہ ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ سبب پنج فلسطيني شهيد ٿيا آهن۔

اسرائيلي ميڊيا ۽ مقامي ذريعن موجب، غزہ جي ڏکڻ علائقن رفح ۽ خان يونس ۾ زور دار ڌماڪن ۽ فائرنگ جون آوازون ٻڌڻ ۾ آيون۔

عيني شاهدين ٻڌايو آهي ته اسرائيلي ٽينڪن اباسن جي علائقي ۾ شديد فائرنگ ڪئي، جڏهن ته دوپهر ۾ رفح تي فضائي حملا جاري رهيا۔ غزہ جي صحت کاتي تصديق ڪئي آهي ته اتر واري علائقي جبلّيا ۾ اسرائيلي فضائي حملي ۾ ٻه فلسطيني شهيد ٿي ويا۔

اسرائيلي فوج اڃا تائين حملي جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي، پر ٽائمز آف اسرائيل موجب، اسرائيلي فورسز رفح ۾ عسڪريتن جي حملي کانپوءِ ڪارروائي ڪئي۔

ٽائمز آف اسرائيل سان ڳالھ ٻولھ دوران هڪ اسرائيلي فوجي اهلڪار دعويٰ ڪئي ته حماس اسرائيلي فوج تي راڪيٽ ۽ اسنايپر سان حملو ڪري جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن جو جواب ڏنو ويو آهي۔

ٻئي طرف حماس اسرائيل تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳايو آهي۔

فلسطين جي وزارت صحت ٻڌايو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 18 فلسطيني شهيد ٿيا آهن، جنهن کان پوءِ 7 آڪٽوبر 2023 کان هاڻي تائين ڪل شهيدن جو انگ 68 هزار 159 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته زخمي افراد جو انگ 1 لک 70 هزار 200 کان وڌيڪ آهي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube