لکي مروت جي علائقي سلطان خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪامياب ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران 8 خارجي ماريا ويا۔
سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج 16 آڪٽوبر تي انٽيليجنس اطلاع جي بنياد تي افغان طالبان جي پراڪسي خارجي جي موجودگي بابت اطلاع تي ڪارروائي ڪئي۔
سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته فورسز سلطان خيل ۽ طوفان والا جي علائقن ۾ فضائي ۽ زميني نگراني شروع ڪئي، نگراني دوران خارجي جي حرڪتن جي نشاندهي ٿيڻ تي فوري ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي۔




