KTN News

ورلڊ ايڪسپو اوساڪا 2025 ۾ پاڪستان جي پويلين عالمي سطح تي شاندار ڪاميابي حاصل  ڪري ورتي.

 پاڪستان جي  ٻن معتبر بين الاقوامي ڪمپنين  ايوارڊز پنهنجي نالي ڪري ورتا.

پاڪستان پويلين کي  انٽرنيشنل بيورو آف ايگزيبيشنز طرفان “ايگزيبيشن ڪيٽيگري” ۾ برونز ايوارڊ سان نوازيو ويو۔ هي ايوارڊ هڪ خاص تقريب دوران سينيئر ڊائريڪٽر جنرل ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان  جي محمد نصير  وصول ڪيو.

پويلين کي ايڊيٽرز چوائس ايوارڊ پڻ مليو، جيڪو مشهور بين الاقوامي اشاعتي اداري Exhibitor Online طرفان تخليقي ۽ جدت ڀريل نمائشن کي ساراهڻ لاءِ ڏنو ويندو آهي.

 هي ايوارڊ پاڪستان کي ان جي ڊيزائن، ثقافتي انفراديت، ۽ متاثر ڪندڙ موضوعي ڪهاڻي “Universe in a Grain of Salt” لاءِ مليو، جيڪا پاڪستان جي مشهور پنڪ راڪ سالٽ کان متاثر ٿي ٺاهي وئي آهي.

پاڪستان پويلين گذريل ڇهن مهينن دوران 17 لکن کان وڌيڪ مهمانن جي ميزباني ڪري چڪو آهي.

اهي ڪاميابيون عالمي سطح تي پاڪستان جي وڌندڙ سڃاڻپ جو ثبوت آهن ۽ واپار جي وزارت، ٽوڪيو ۾ پاڪستان جي سفارتخاني، ڪوريٽوريل ٽيم، ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي گڏيل ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪن ٿيون، جن ورلڊ ايڪسپو 2025 اوساڪا ۾ پاڪستان جي بهترين سڃاڻپ کي دنيا آڏو اجاگر ڪيو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube