KTN News

افغان پرڏيهي وزير افغانستان ۾ ٿيل ڌماڪن کي پاڪستان جي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو۔

نئين دهلي: افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي خميس ڏينهن افغانستان ۾ ٿيل ڌماڪن کي پاڪستان جي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو۔

ڀارت جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي امير خان متقي چيو ته انهن ڌماڪن ۾ ڪنهن به نقصان جي ڪا اطلاع ناهي ملي۔

افغان حڪومت به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان پاران ڊيورنڊ لائن جي ويجهو ٿيل بمباري جي سخت مذمت ڪريون ٿا۔

ياد رهي ته ڀارت جي دوري تي موجود افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي جي ڀارتي هم منصب جي شنڪر سان به ملاقات ٿي، جنهن دوران ڀارت افغانستان ۾ موجود پنهنجي فني مشن کي سفارتخاني جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو۔

ملاقات دوران ڀارتي پرڏيهي وزير افغان پرڏيهي وزير کي ايمبولينسز جو تحفو ڏنو، هنن کي ايمبولينسز جو دورو پڻ ڪرايو ويو ۽ 20 مان 5 ايمبولينسز سندن حوالي ڪيون ويون۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube