آمريڪي رياست ٽينيـسي ۾ هٿيار تيار ڪندڙ فوجي پلانٽ ۾ زور دار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا۔
غير ملڪي خبر ايجنسي موجب، ڌماڪي کان پوءِ پلانٽ جي مختلف حصن ۾ باهه لڳي وئي، جنهن سبب امدادي ڪارروايون متاثر ٿيون۔
عيني شاهدن مطابق، ڌماڪن جون آوازون پري پري تائين ٻڌڻ ۾ آيون، جڏهن ته لڳاتار ٿيندڙ ٻيا ڌماڪا ريسڪيو ٽيم کي پلانٽ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيندا رهيا۔