KTN News

ڪرغزستان ۾ صدر آصف علي زرداري جو شاندار استقبال، ٻطرفن لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري جي واڌاري تي اتفاق

صدرِ مملڪت آصف علي زرداري دوري تي ڪرغزستان پهتا، جتي سندس اعزاز ۾ استقباليه تقريب منعقد ڪئي وئي.

ڪرغزستان جي صدر سادير جياپاروف آصف علي زرداري جو استقبال ڪيو، ان موقعي تي کيس گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.

پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي صدرن وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون پڻ ٿيون.

صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪرغزستان هڪ خوبصورت ملڪ آهي، هتي اچي خوشي ٿي آهي.

هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا موجود آهن ۽ شاندار مهمان نوازي تي پنهنجي ڪرغيز هم منصب ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون.

صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته امن ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي واڌاري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهيون.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube