KTN News

ڪراچي ۾ صنعتن ۽ سي اين جي سيڪٽر لاءِ 24 ڪلاڪن جي گيس بندش

ڪراچي ۾ صنعتي ۽ سي اين جي سيڪٽر جي صارفين لاءِ 24 ڪلاڪن جي گيس بندش جو اعلان ڪيو ويو آهي۔

سوئي سدرن گيس ڪمپني موجب آچر جي صبح 8 وڳي کان ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين صنعتن ۽ سي اين جي اسٽيشنن کي گيس جي فراهمي معطل رهندي۔

ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گيس بندش جو اطلاق صرف صنعتي صارفين ۽ سي اين جي اسٽيشنن تي ٿيندو، جڏهن ته گهريلو صارفين تي ان جو ڪو به اثر نه پوندو۔

هي بندش ضروري فني ۽ آپريشنل ڪمن لاءِ ڪئي پئي وڃي، جيئن گيس جي ترسيل ۽ نظام ۾ بهتري آڻي سگهجي۔

سوئي سدرن صارفين کان اپيل ڪئي آهي ته هو بندش دوران ايندھن جا متبادل انتظام ڪري وٺن، ته جيئن ڪنهن به قسم جي تڪليف کي منهن نه ڏيڻو پوي۔

صنعتن ۽ سي اين جي اسٽيشنن جي مالڪن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ان حوالي سان پنهنجي ڪاروباري سرگرمين جي اڳواٽ منصوبه بندي ڪن۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube