ڪراچي جي علائقي جوهر موڙ تي واٽر ٽينڪر جي ٽڪر سان هڪ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو.
واقعي کان پوءِ علائقي جي رهواسين ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن کان پوءِ پوليس جو وڏو انگ طلب ڪيو ويو.
پوليس عملدارن موجب، موقعي تي پهچي واٽر ٽينڪر ۾ لڳل باهه کي وسايو ويو.
حڪام موجب، فوت ٿيندڙ شخص جي سڃاڻپ 22 ورهين جي محمد اڪرم ۽ زخمي جي سڃاڻپ 30 ورهين جي عبدالشڪور طور ٿي آهي.




