KTN News

پاڪ بحريه اورماڙه جي ويجهو ٻڏندڙ ڪارگو ٻيڙي جي عملي کي بچائي ورتو۔

پاڪ بحريه ۽ پي ايم ايس اي 24 ڪلاڪن اندر ٻئي ڪامياب ريسڪيو آپريشن دوران اورماڙه جي ويجهو ٻڏندڙ ڪارگو ٻيڙي جي سموري 20 پاڪستاني عملي کي بچائي ورتو۔

آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ بحريه ۽ پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي ريسڪيو آپريشن ڪندي کليل سمنڊ ۾ اورماڙه جي ويجهو ٻڏندڙ “الحمد ان يعقوب” نالي ڪارگو ٻيڙي جي سمورن 20 پاڪستاني عملي جي ماڻهن کي محفوظ طريقي سان بچائي ورتو۔

اها ٻيڙي اورماڙه کان 32 ناٽيڪل ميل ڏکڻ طرف حادثي جو شڪار ٿي، جنهن کان پوءِ گڏيل ميري ٽائيم انفارميشن سينٽر جي اطلاع تي پي اين ايس حنين، پاڪ بحريه جي سي ڪنگ هيلي ڪاپٽر ۽ پي ايم ايس اي جي ڊيفينڊر جهاز گڏيل ريسڪيو آپريشن ڪيو۔

آءِ ايس پي آر موجب، سڀني ماڻهن کي محفوظ طور ڪڍي ابتدائي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي پاڪ بحريه جي پيشاورانه صلاحيتن جو هڪ ڀيرو ٻيهر مظاهرو ڪيو آهي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube