هنگو ۾ پوليس جي گاڏي ويجهو ڌماڪي سبب ايس پي آپريشنز سميت 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا۔
پوليس اختيارين موجب دهشتگردن پهريان هنگو جي علائقي غلمينا ۾ پوليس چيڪ پوسٽ کي بارودي مواد سان اڏائي ڇڏيو، پر انهيءَ ۾ ڪو جاني يا مالي نقصان نه ٿيو۔
پوليس موجب ڌماڪي کان پوءِ جڏهن ايس پي آپريشنز اسد زبير ٻين اهلڪارن سان گڏ واقعي واري هنڌ ڏانهن پئي وڃي رهيو هو ته درابن جي هنڌ تي پوليس جي گاڏي کي بارودي مواد سان نشانو بڻايو ويو۔
ڊي ايس پي خانزيب مہمند موجب ڌماڪي ۾ ايس پي اسد زبير ۽ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ٻه اهلڪار زخمي به ٿيا۔
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال هنگو منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي۔
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي هنگو ۾ پوليس جي گاڏي ويجهو ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي، جامِ شهادت نوش ڪندڙ ايس پي آپريشنز اسد زبير سميت ٽنهي پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو۔
محسن نقوي شهيدن جي لواحقين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته شهيد ايس پي اسد زبير ۽ ٻنهي پوليس اهلڪارن جي قرباني هرگز رائيگان نه ويندي۔




