ترڪي جي شهر استانبول ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور مڪمل ٿي ويو۔
ذريعن موجب، پاڪستان ۽ افغانستان جي وفدن وچ ۾ ڳالهين جو اجلاس استانبول جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيو، جنهن جي ميزباني ترڪي جي اعليٰ عملدارن ڪئي۔
ذريعن جو چوڻ آهي ته استانبول ۾ ٿيل هن ڳالهه ٻولهه دوران قطر ۾ ٿيل ڳالهين ۾ طئي ٿيل نڪتن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو۔
ذريعن مطابق، پاڪستان طالبان کي دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ هڪ جامع منصوبو ڏئي ڇڏيو۔
ذريعن ٻڌايو ته پاڪستان طرفان ٻن رڪنين تي ٻڌل وفد ڳالهين ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته افغانستان طرفان نائب وزيرِ داخلا رحمت الله مجيب وفد جي اڳواڻي ڪئي۔
ياد رهي ته قطر ۽ ترڪي جي ثالثي ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور دوحه ۾ ٿيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگبندي طئي ٿي هئي۔
پاڪ–افغان تڪرار سبب چمن، خيبر، ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان ۽ ضلعي ڪرّم جا سرحدي رستا چوڏهين ڏينهن به بند آهن۔




