KTN News

نجي ٽي وي چينل سما نيوز جي ويب سائيٽ هيڪ

سما ٽي وي جي ويب سائيٽ نامعلوم هيڪرن هيڪ ڪري ورتي آهي ۽ ويب سائيٽ تي پنهنجو لوگو به لڳايو آهي.

ويب سائيٽ تي “هند سائبر گوسٽ” جو لوگو لڳائي اهو لکيو ويو آهي ته “ڪو به نظام محفوظ ناهي.” هيڪرن ويب سائيٽ تي مختلف نالا پڻ درج ڪيا آهن، جڏهن ته هيڪرن پاڻ کي “جارڊن ايڪس ايلفا 02” جي نالي سان ظاهر ڪيو آهي.

هيڪرن پنهنجي لاڳاپي کي مبينا طور ڀارت سان ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته ويب سائيٽ تي “پلي ميوزڪ” جو آپشن پڻ نمايان ڪيو ويو آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube