KTN News

ملڪ ۾ مون سون جي برساتن جي شروعات جي اڳڪٿي، ٻوڏ جهڙي صورتحال جو خدشو

موسميات کاتي موجب سڀاڻي کان ملڪ ۾ مون سون جي برساتن جو پهريون باقاعده اسپيل شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. پنجاب، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير، اتر بلوچستان ۽ مٿئين سنڌ ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برساتن سان گڏ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube