خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جي سمري تي صدر آصف علي زرداري صحيح ڪري ڇڏي
ذريعن موجب، صدر مملڪت آصف علي زرداري خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. صدر آئيني آرٽيڪل 232 ۽ 234 تحت سمري تي صحيحون ڪيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايوان صدر پاران باضابطه پڌرنامو جاري ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ٿي ويندو. ان کانپوءِ خيبرپختونخوا جو گورنر صوبي جي ايڊمنسٽريٽر طور ذميواريون سنڀاليندو.




