KTN News

سلمان آغا ڊروڊ، محمد يوسف ۽ ڌوني جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

قومي ٽي 20 ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا اڳوڻي ڀارتي ڪپتان راهول ڊريڊ جو 26 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.

تفصيل موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هن سال ٽنهي فارميٽ ۾ ڪل 54 بين الاقوامي ميچ کيڏيا آهن ۽ حيرت انگيز طور تي، سلمان علي آغا انهن سڀني ميچن ۾ ٽيم جو حصو هو.

ان جي ڪري، سلمان علي آغا هڪ سال ۾ سڀ کان وڌيڪ بين الاقوامي ميچ کيڏڻ وارو ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي.

هن هندستان جي راهول ڊريڊ کي پوئتي ڇڏي ڏنو، جنهن 1999 ۾ 53 بين الاقوامي ميچ کيڏي رڪارڊ قائم ڪيو هو.

2000 ۾ پاڪستان جو اڳوڻو بيٽسمين محمد يوسف ۽ 2007 ۾ اڳوڻو ڀارتي ڪپتان ايم ايس ڌوني 53 ميچ کيڏي ڪري ڊريڊ جي رڪارڊ جي برابري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، پر اهي ان کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيا.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube