KTN News

خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ پهريون پوليس پهريون اسنائپر اسڪواڊ تيار

خيبر پختونخوا پوليس، وڌندڙ دهشتگردي جي خطري کي نظر ۾ رکندي، پنهنجي تاريخ جو پهريون اسنائپر اسڪواڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي۔

سينٽرل پوليس آفيس موجب، هي اسڪواڊ ايليٽ فورس جو حصو هوندو ۽ ان کي جديد هٿيارن، تربيت ۽ خاص اوزارن سان ليس ڪيو ويو آهي۔

پوليس عملدارن موجب، اسنائپر اسڪواڊ کي ٽن مهينن جي اعليٰ سطح واري تربيت ڏني وئي آهي، جنهن ۾ ڊگهي فاصلي تان هدف تي نشانو لڳائڻ، لڪيل دشمن جي سڃاڻپ ۽ ڏکين جاگرافيائي علائقن ۾ ڪارروائي ڪرڻ جي مهارت شامل آهي۔

هر اسڪواڊ ۾ 10 اهلڪار شامل هوندا، جيڪي جديد اسنائپر رائفلز ۽ جديد ترين ٿرمل اِميجنگ ڊوائيسز سان ليس هوندا، ته جيئن سياري جي سخت موسم يا رات جي اوندهه ۾ به هدفن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻائي سگهن۔

پوليس موجب، شروعاتي مرحلي ۾ اسنائپر اسڪواڊ کي صوبي جي ڏاکڻي ضلعن، ملاڪنڊ ڊويزن ۽ سرحدي علائقن ۾ مقرر ڪيو ويندو، جتي دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث عنصرن خلاف آپريشن جاري آهن۔

سينٽرل پوليس آفيس جو چوڻ آهي ته هن قدمن جو مقصد پوليس جي آپريشنل صلاحيتن ۾ واڌارو آڻڻ ۽ ڏکين علائقن ۾ ڪاررواين کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ آهي۔

عملدارن موجب، هي اسڪواڊ دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن فورس طور ڪم ڪندو ۽ خيبر پختونخوا پوليس جي صلاحيتن ۾ هڪ نئون باب کولي ڇڏيندو۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube