KTN News

پي ٽي آءِ کي پاڪ-افغان لاڳاپن کي صرف پنهنجي ڪاروبار جي نقطي نظر سان نه ڏسڻ گهرجي: خواجه آصف

وزير دفاع خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پاڪ-افغان لاڳاپن کي صرف پنهنجي ڪاروباري مفادن جي حوالي سان نه ڏسي۔

خميس ڏينهن، سماجي رابطي جي ويب سائيٽ “ايڪس” تي پنهنجي بيان ۾ خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ دوحه معاهدي جو آڌرڀاءُ ڪري رهي آهي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي، پر درخواست آهي ته پاڪ-افغان لاڳاپن کي صرف ڪاروباري تناظر ۾ نه ڏٺو وڃي۔

خواجه آصف وڌيڪ چيو ته الله انهن کي دهشتگردي جي مذمت ڪرڻ جي توفيق ڏئي۔ دعا آهي ته الله پاڪ انهن کي شهيدن جي قربانين ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube