جنوبی وزيرستان ۾ فرنٽيئر ڪور خيبرپختونخوا ساوٿ پاران هڪ افغان خودڪش بمبار گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جي سڃاڻپ نعمت الله ولد موسيٰ جان طور ٿي آهي۔ گرفتار ٿيل خودڪش بمبار افغان طالبان ۽ فتنه خوارج جي ڳٺ جوڙ بابت حيران ڪندڙ انڪشافات ڪيا آهن۔ افغان طالبان ۽ فتنه خوارج ننڍي عمر جي افغان نوجوانن کي دهشتگردي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن۔
تفصيل موجب، گرفتار ٿيل خودڪش بمبار افغانستان جي صوبي قندهار جو رهواسي آهي۔ نعمت الله قندهار جي جوهر يه مدرسه جو شاگرد آهي۔ اعترافي بيان ۾ نعمت الله ٻڌايو ته مدرسه ۾ ڪجهه ماڻهن مون کي چيو ته پاڪستاني فوج تي حملو جائز آهي۔ اسان 40 ماڻهو خوست ۾ گڏ ٿيا، چيواڙ جي رستي پاڪستان ۾ داخل ٿياسين، ۽ لالي ژي جي علائقي بروند، ڏکڻ وزيرستان وياسين، جتي طالبان جو مرڪز هو۔ اسان جو ڪمانڊر عمر حماس هو، جيڪو خودڪش حملن جي تربيت ڏيندو هو۔ خودڪش حملن جي مڪمل تربيت 3 مهينا هئي، پر مون صرف هڪ هفتو تربيت ورتي۔ ان تربيت ۾ اسان کي سيکاريو ويو ته گاڏيءَ تي خودڪش حملو ڪيئن ڪجي۔
خودڪش بمبار ٻڌايو ته اسان جي گروپ ۾ 20 نوجوان هئا، جن جون عمريون 18، 20 ۽ 22 سال هيون۔ تربيت دوران مون اذان جي آواز ٻڌي، جنهن تي مون کي احساس ٿيو ته پاڪستاني فوج به مسلمان آهي، ۽ ان تي خودڪش حملو حرام آهي۔
گرفتار ٿيل خودڪش بمبار جا انڪشاف ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته افغان طالبان ننڍي عمر وارن نوجوانن جي ذهني تربيت ڪري، مذهبي بنيادن تي انهن کي پاڪستاني فوج خلاف دهشتگرد ڪارروائين لاءِ ڀڙڪائين ٿا۔




