راولپنڊي: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير تربت جو دورو ڪيو، جتي هن شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل کي آپريشنل تيارين ۽ ٻاهرين سرپرستيءَ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي خلاف جاري ڪاررواين بابت بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته بلوچستان ۾ جاري سماجي ۽ معاشي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.
فيلڊ مارشل ڏکين آپريشنل حالتن ۾ جوانن جي پيشه ورانه صلاحيتن ۽ بلند حوصلن کي ساراهيو.
سيد عاصم منير جو چوڻ هو ته مادر وطن جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي جوانن جو غيرمتزلزل عزم ساراهه جوڳو آهي، پاڪ فوج بلوچستان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي.
هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ امن، خوشحالي ۽ پائيدار ترقي لاءِ پاڪ فوج جو غيرمتزلزل عزم برقرار رهندو.




