پاڪستان وومين بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم پهرين بلائنڊ وومين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا بلائنڊ وومين ٽيم کي 129 رنسن سان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي.
ڪولمبو ۾ جاري بلائنڊ وومين ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي چوٿين ليگ ميچ ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي، پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 298 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان بلائنڊ وومين لاءِ مهرين علي 133 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. بشرا اشرف 59، مريم جهانگير 13 ۽ رمشا شبير 12 رنسون ٺاهيون.
299 رنسن جي هدف جو تعاقب ڪندي، آسٽريليا بلائنڊ وومين ڪرڪيٽ ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهي سگهي.




